پروسيجر ايڪٽ فيصلي ۾ عدالت پارليامينٽ جي قانونسازي طاقت کي مڃي ورتو آهي:اعظم نذير

اسلام آباد: اڳوڻي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ فيصلي ۾ عدالت پارليامينٽ جي قانونسازي جي طاقت کي مڃي ورتو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊ ايڪٽ 2017 ۾ 5 سالن جي نااهلي بابت ترميم ٿي. قانون چوي ٿو ته جتي آئين ڪجهه نه هجي ته قانونسازي سان اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.

هن چيو ته پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ قانونسازي کان پوءِ نوازشريف ۽ ٻيا ماڻهو جنهن کي تاحيات نااهل ڪيو ويو اهي هاڻ اهل آهن. نوازشريف هاڻ هن قانونسازي جي حوالي سان اهل آهي.

اڳوڻي قانون واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جو فيصلو  سٺو ڏنو آهي. عدالت پارليامينٽ جي قانونسازي کي مڃي ورتو آهي، عداتي فيصلي پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو آهي.

اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته اسان بطور بار جي نمائندي ۽ پارليامينٽ جو حصو هجڻ جي ناتي ججز جي مقرري جو مطالبو ڪندا آهيون. سپريم ڪورٽ سان گڏ سنڌ، پشاور ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جون آساميون خالي آهن ان ڪري سمورين هاءِ ڪورٽس ۾ ججز جي خالي آسامين تي مقرريون ٿيڻ گهرجن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔