غزه مٿان اسرائيلي فوج جا فاسفورس بم سان حملا، شهيد فلسطينين جو انگ 1100 کان وڌي ويو

بيت المقدس: غزه ۾ اسرائيلي فوج فلسطينين تي پابندي مڙهيل فاسفورس بم جو استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي جن ۾ 143 ٻار ۽ 105 عورتون به شامل آهن جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل جي وحشياڻي بمبماري کان پوءِ خان يونس اسپتال ۾ لاش رکڻ جي جڳهه ختم ٿي وئي آهي. اڪثر لاش مرده خاني ۾ اسٽريڪچر تي پيل آهن. اسرائيلي حملن دوران ريڊ ڪريسنٽ هيڊ ڪوارٽر کي به نشانو بنايو ويو جنهن سبب 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيل غزه يونيورسٽي تي به بمباري ڪئي. شهيد ٿيندڙن ۾ صحافي به شامل آهن

گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي جو چوڻ آهي ته غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ گڏيل قومن جا 9 اهلڪار مارجي ويا آهن. هڪ لک 84 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 23 هزار کان وڌيڪ رهائشي يونٽ، 10 طبي مرڪز، يونيورسٽيون ۽ 48 اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن.

ٻئي طرف يورپي يونين غزه جي ناڪه بندي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. اسرائيل کي دفاع جو حق حاصل آهي پر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قبول نه ڪنداسين. هٿين خالي شهرين کي بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ جي بندش جي حمايت نٿي ڪري سگهجي.

سعودي عرب اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون، غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جنگ بند ٿيڻ گهرجي. خطي ۾ جنگ جو دائرو وسيع ٿيڻ جي حق ۾ نه آهيون. چين به غزه ۾ جنگبندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڳوليو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔