پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ برقرار، فل ڪورٽ درخواستون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اٽارني جنرل عثمان منصور جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته دير لاءِ معذرت چاهيون ٿا، ڇو ته معاملو گهڻو ٽيڪنيڪي هو، اڳ ۾ اڄوڪو حڪم نامو پڙهي ٻڌايان.
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت درخواستن کي برقرار رکيو ۽ فيصلو ٻڌايو ته فل ڪورٽ 5-10 جي شرح سان ايڪٽ کي برقرار رکيو آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس شاهد وحيد ايڪٽ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته ٻين ججن حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
اعليٰ عدليه جي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔