جنگ هميشه ٻارن تي اثرانداز ٿيندي آهي: ملالا حماس ۽ اسرائيل کان جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نوبل انعام يافته سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڇنڇر 7 آڪٽوبر تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۽ چڪريون پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويون آهن. اسرائيل طرفان غزه جي ناڪابندي سخت ڪئي وئي آهي ۽ غزه تي حملا تيز ڪيا ويا آهن

اسرائيل طرفان غزه ۾ 200 حدفن کي نشانو بنايو ويو آهي. پناهگيرن جي ڪيمپ تي به حملا ڪيا ويا آهن. ايمبولينس ۽ امدادي ڪارڪن به اسرائيلي حملن کان بچي نه سگهيا اسرائيل طرفان لاڳيتو غزه تي بمباري ڪئي پئي وڃي.

ان حوالي سان ملالا يوسفزئي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيئن ته مون هلندڙ ڏينهن ۾ دل ڏکائيندڙ خبرون ڏٺيون آهن ان دوران منهنجو ڌيان فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻارن جي طرف آهي جيڪي جنگ جي صورتحال ۾ سخت متاثر ٿيا آهن.

جنگبندي جو مطالبو ڪندي ملالا پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو ۽ لکيو ته مان صرف 11 سالن جي هئس جڏهن مون پنهنجي چوڌاري دهشتگردي ۽ تشدد جهڙو ماحول ڏٺو، صبح جو سوير اسان مارٽر گولن جي آوازن سان اٿندا هئاسين.

هن وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي اسڪولن ۽ مسجدن  کي بمن سان تباهه ٿيندي ڏٺو، امن هڪ اهڙي شيءَ بڻجي ويو جنهن جو اسان صرف خواب ئي ڏسي سگهون ٿا. ملالا لکيو ته جنگ هميشه ٻارن تي اثر انداز ٿيندي پوءِ چاهي اها اسرائيل جي گهرن مان کنيل ٻارن ۾ هجي يا غزه ۾ هوائي حملن جي ڊپ کان لڪل يا خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ٻار هجن.

ملالا وڌيڪ  لکيو ته اڄ مان انهن سمورن ٻارن ۽ ماڻهن جي لاءِ ڏکويل آهيان جيڪي مقدس زمين تي  امن ۽ انصاف جا خواهشمند آهن. حماس ۽ اسرائيل کي فوري طور تي جنگبندي ڪرڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔