هندستاني اداڪاره شهناز گل بيمار ٿي پئي، اسپتال داخل

ممبئي: مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 جي مشهور اميدوار شهناز گِل کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي

شهناز جي انسٽاگرام تي لائيو ڪيل وڊيو گھڻي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا ٻڌايو آهي ته هن کي فوڊ پوائزن ٿي ويو هو پر هاڻي هوءَ اڳ کان بهتر آهي

ادڪارا انسٽاگرام لائيو ۾ چيو ته سڀني جو وقت ايندو آهي ۽ هليو ويندو آهي، مون سان به اهو ئي ٿيو، منهنجو وقت وري ايندو، آئون سينڊوچ کاڌو هو جنهن سبب مون کي فوڊ انفيڪشن ٿي ويو

شهناز مداحن کي به خبردار ڪيو ته ٻاهر جي کاڌن کان پرهيز ڪريو ۽ احتياط سان شيون کائو ڇو جو موسم جي ڪري فوڊ پوائزننگ ٿي رهي آهي، شهناز گِل جا مداح اداڪاره لاءِ جلد صحتيابي جون دعائون ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔