يورپي يونين ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  يورپي يونين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

يورپي يونين   پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو جي نئين امداد جو اعلان ڪيو آهي. اها امداد تازي چوماسي جي برساتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ڏني وئي آهي.

ان حوالي سان يورپي يونين جي ڪمشنر جينز لينارسڪ چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾  چوماسي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ملين يورو انساني مدد جي لاءِ جاري ڪري رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ڪجهه علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ جي هڪ سال کان پوءِ يورپي يونين انتهائي ڪمزور ڪميونٽيز جي مدد لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔