پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي

لاهور: پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو هو، جنهن جي صدارت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي.
پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي هئي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۾ پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي قيادت کي چونڊن جي تيارين جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پ پ سينٽرل ڏکڻ پنجاب ۾ ڪنونشن ذريعي چونڊ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔