ڪشمور مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو

ڪشمور: ڪشمور مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو، ساگر ڪمار کي وارثن حوالي ڪيو ويو، هندو پنچائت هال پهچڻ  تي ساگر ڪمار جو شاندار استقبال ۽ جهمريون

 ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ساگر ڪمار کي ڪچي  جي گھوڙا گھاٽ واري   علائقي مان مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو، مغوي  جي بازيابي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن طرفان راڄوڻي ڪوششون به ڪيون ويون

مغوي ساگر جي بازيابي لاءِ  ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ھلندڙ ھو، ساگر ڪمار جي والد اندر لعل، سندس امڙ ۽ ڀائرن پاران ساگر ڪمار سان ملڻ وقت جذباتي منظر، پيءُ ماءُ، ڀائرن ۽ ٻين ساگر ڪمار کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔