سنڌ پوليس کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

ڪراچي: سنڌ پوليس صوبي مان کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ سميت ٻين شين جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

آءِ جي سنڌ صوبي جي زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ايس ايس پيز، انتظاميه ۽ ڪسٽم اختيارين گڏيل ناڪا لڳائيندا.

آءِ جي سنڌ پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتن کي به گڏ رکيو ويندو. بلوچستان کان سنڌ ايندڙ رستن جي نگراني ڪئي وڃي.

لکيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪسٽم اختيارين کي ڪريڪ ڊائون جي لاءِ پوليس ٽيمون ڏنيون وڃن. اسمگل سامان ڪسٽم ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جي حوالي ڪيو وڃي. ڪارروائين جي رپورٽ روزاني جي بنياد تي آءِ جي آپريشن کي ڏني وڃي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔