نيب نواز شريف، آصف زرداري ۽ ٻين سياستدانن جا 80 ڪرپشن وارا ڪيس بحال ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: نيب نوازشريف، آصف زرداري ۽ ٻين سياستدانن  جا 80 ڪرپشن جا ڪيس بحال ڪندي اسلام آباد جي احتساب عدالت کي خط لکي ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته عدالتي حڪم تي آصف علي زرداري، نوازشريف، مراد علي شاهه، شاهد خاقان عباسي سميت 80 سياستدان جا ڪرپشن ڪيس بحال ڪيا ويا آهن. اسحاق ڊار جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو  ڪيس به کوليو پيو وڃي.

نيب ڪورٽ جي ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي اڪائونٽ ڪيسز به بحال ٿي ويا آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ڪيس به کوليو ويو آهي. نوازشريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه گاڏين جو ڪيس به کوليو ويو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته نيب فهرست جي حساب سان سڀاڻي سمورو رڪارڊ پيش ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔