آمريڪا وڃڻ جي خواهشمند پاڪستانين جي انگ ۾ رڪارڊ واڌ

ڪراچي :پاڪستانين جي آمريڪي ويزا جي درخواستن جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آمريڪي سفارتخاني موجب پاڪستان ۾ آمريڪي ويزائن جي گھرج هيل تائين جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي ۽ آمريڪي مشن ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌ کان وڌ ويزا جون درخواستون اُڪلائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ هو ته ويزا اپائنٽمنٽ جي انتظار جي مدي ۾ گھٽتائي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهن ۽ درخواستگذارن جي سهولت لاءِ ٽن طريقين سان ڪم ڪري رهيا آهن.
آمريڪي سفارتخاني موجب نان اميگرنٽ ويزا لاءِ هزارين درخواستن تي عمل تيز ڪيو ويو آهي ۽ 10 هزار درخواستگذارن جي اڳ کان 2024ع ۾ طئي ٿيل اپائنٽمينٽ جو مدو گھٽايو ويو آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۾ 10 هزار درخواستگذارن جو مدو هاڻي 2023ع ۾ مقرر ڪيو پيو وڃِي ۽ درخواستگذارن کي اپائنٽمنٽ ۾ گھٽتائي جو اطلاع جلد ملڻ وارو آهي. انهن درخواستگذارن مان ڪجهه جي اپائنٽمنٽ ايندڙ هفتي طئي ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي صفارتخاني جو چوڻ هو ته سفر جا خواهشمند پاڪستاني پنهنجي اپائنٽمنٽ رد ڪري ٻيهر شڊيول ڪرائي سگھن ٿا، ٻيهر شڊيول جي اضافي رعايت ڪراچي جي قونصل خاني يا اسلام آباد سفارتخاني کان وٺي سگھجي ٿي، درخواستگذارن لاءِ تاريخ، وقت ۽ انٽرويو جي جاءِ مقرر ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، 25 سيپٽمبر کان ڪراچي ۾ انٽرويو کان ڇوٽ ڏنل اميدوارن جون درخواستون قبول ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي ۾ قونصل خاني ۾ انهن جو انٽرويو ٿيندو جن کي پهريان ڪراچي کان ويزا جاري ڪئي وئي هئي، انٽرويو کان ڇوٽ بابت اهليت جي جاچ ويب سائيٽ تان ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔