پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ بينچ جوڙيو ويو

اسلام آباد: پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي ٻڌڻي جي لاءِ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ بينچ جوڙيو ويو آهي.

فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي خلاف داخل درخواستن تي بينچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو. اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ اٺ رڪني لارجر بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ معطل ڪري ڇڏيو هو.

جمعي 15 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. جنهن سلسلي ۾ رجسٽرار آفيس ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا هئا.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان پوءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جوڊيشل ڪميشن جو سربراهه به بڻجي ويو آهي. جوڊيشل ڪميشن جي ذريعي اعليٰ عدليه ۾ ججز جون مقرريون ٿينديون آهن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 2 ججز جون آساميون خالي آهن.

ان کان علاوه چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سپريم جوڊيشل ڪونسل جو چيئرمين به بڻجي ويو آهي. سپريم جوڊيشل ڪونسل اعليٰ عدليه جي ججز خلاف شڪايتون ٻڌڻ جو فورم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔