چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ، ڪيترائي اهم فيصلا ڏنا

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي عهدي جو آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويو آهي. هن هڪ سال ۽ 7 مهينن جي دوران ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، ڪيترائي ڀيرا هو سخت تنقيد جو نشانو به بڻجندو رهيو.

عمر عطا بنديا 2 فيبروري 2022 تي چيف جسٽس پاڪستان جو عهدو سنڀاليو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس گهٽ هجڻ تي فوڪس ڪرڻ جو چيو. پي ٽي آءِ حڪومت طرفان اماڻيل 63 اي جي صدارتي ريفرنس تي هن فيصلو ڏنو ته ان وقت جي اپوزيشن کيس تنقيد جو نشانو بنايو

بطور چيف جسٽس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڪيس ۾ پارليامينٽ بحال ڪندي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم ڏنو، پنجاب جي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي رولنگ کي به ڪالعدم قرار ڏئي پنجاب اسيمبلي ۾ ٻيهر ووٽنگ جو حڪم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻجو

اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريويو آف ججمينٽ اينڊ آرڊرز ايڪٽ 2023 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو، پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ ۽ ان فيصلي تي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني رد ڪرڻ جو  به فيصلو ڏنو. جسٽس بنديال سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ، سويلنز جي فوجي عدالتن ۾ ڪيس، آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس سميت ٻيا اهم ڪيس ٻڌا. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي خلاف ريفرنس به سندس ئي دور ۾ داخل ٿيو.

نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف اماڻيل ريفرنس ٻڌندڙ بينچ جو سربراهه به رهيو. مشهور 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااهلي ڪيس جو فيصلو به عمر عطا بنديال جاري ڪيو.

جسٽس عمر عطا بنديال پاڻمرادو نوٽيس جي طريقيڪار تي فيصلو پڻ ڏنو، هو مختلف ڪيسن ۾ فيصلن، بينچز جي جوڙجڪ ۽ سياسي پارٽين طرفان سخت تنقيد جو نشانو پڻ بڻجو پر هن صبر جو مظاهرو ڪندي ڪنهن جي خلاف به توهين عدالت قانون جو استعمال نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔