جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي 29هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

حلف برداري جي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي نين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان حلف ورتو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حلف برداري تقريب ۾ سندس گهر واري سرينا فائز عيسيٰ، سينئر ججز، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چئني صوبن جي گورنرز، آرمي چيف جنرل عاصم منير، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري  سميت وفاقي وزيرن ۽ وڪيلن به شرڪت ڪئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014 تي سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ حلف کنيو هو 2019 ع ۾ صدارتي ريفرنس بعد سينئر ترين جج هئڻ باوجود کيس ٽن سالن کان ڪنهن به آئيني ڪيس جي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔