”جوان“ جي ڪاميابي کان پوءِ شاهه رخ جوان ٿي ويو، نئون انداز وائرل

ممبئي : ڀارتي سپر اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي ۽ انوکي لُڪ سان مداحن جون دليون کٽي ورتيون، 57 سالن جي اداڪار بلاڪ بسٽر فلم ”جوان“ جي پريس ڪانفرنس ۾ انوکو اسٽائل اپنايو جيڪو هن کي به ”جوان“ بڻائي رهيو هو.
سپر اسٽار گذريل ڏينهن پنهنجي انوکي هيئر اسٽائل جي ڪري ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو، ڪارن بيلٽ بليزر کي اڇي شرٽ مٿان پهريل ڪنگ خان جي بريڊڊ هيئر اسٽائل سندس لُڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ڀارتي سپر اسٽار پنهنجن ڊگھن وارن کي پهريون ڀيرو ان انداز ۾ سنواريو، هن هيئر بن بدران وار توئسٽ ڪيا.
شاهه رخ خان نه رڳو لباس ۽ هيئر اسٽائل کي ڌار انداز ڏنو پر ان تقريب ۾ هن ٻانهن ۾ به انوکي چين پهري جڏهن ته چاندي جي واچ به نمايان رهي.
اسٽائلش لُڪ مڪمل ڪرڻ لاءِ اداڪارا ڪارا جوتا پهريا.
فلم ”جوان“ جي پريس ڪانفرنس ۾ دپيڪا پڊوڪون به شرڪت ڪئي جنهن ڀارت جي مشهور ترين ۽ پنهنجي پسنديدهه ڊزائنر سبيا ساچي جي ڊزائين ڪيل ساڙهي پهرين هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔