فڪسرن جي رستا روڪ نه ٿي انڪري ٽيم جو اهڙو حشر ٿيو، حفيظ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ اسان ناڪام ٿيا ۽ اهو مڃڻو پوندو.

ڪراچي ۾ ميديا سان ڳالهائيندي محمد حفيظ چيو ته جڏهن اسان ناڪامي کي تسليم ڪنداسين تڏهن ئي بهتري ڏانهن وک وڌائي سگهنداسين.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته اهي رانديگر ڊگهي وقت کان پاڪستنا لاءِ کيڏي رهيا آهن، کين ذميواري کڻڻ گهرجي.

محمد حفيظ چيوته نجم سيٺي الزام مڙهيو ته پاڪستاني ڪوچز ايماندار نه آهن، جڏهن سيٺي صاحب مڪي آرٿر کي ڪُل اختيار ڏئي رهيو هو ته ڪنهن سوال ڇو نه اُٿاريو.

هن چيو ته ٽن مهينن دوران ميچ نه هارائڻ جو مطلب اِهو ناهي ته ڀارت خلاف بُري طرح مات کائو، ڀارت خلاف ميچ ۾ شڪست  پاڪستان کي ذهني طور نقصان پهچايو.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابر اعظم کي عالمي ڪپ لاءِ مڪمل سپورٽ ڪرڻ گهرجي، عالمي ڪپ کانپوءِ ڪپتان جي حوالي سان سوچيو، اسان کي ٽيم مان مايوس ٿيڻ بدران اميد رکڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪي رانديگر گذريل هڪ سال دوران انجرڊ ٿيا آهن اُهي هن وقت ڪٿي آهن انهن جو ڪجهه پتو ناهي، مئنيجمينٽ کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته اسان نيڌرلينڊز ۽ افغانستان خلاف بئنچ اسٽرينٿ ڇو نه آزمائي، ڪيئي رانديگر صرف دورو ڪري واپس موٽي آيا.

محمد حفيظ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فڪسنگ معاملي تي سخت فيصلا ڪيا وڃن ها ته ٻيهر ماڻهو ائين ڪم نه ڪن ها.

هن انڪشاف ڪندي چيو ته احسان ماني چيوته هو ته اسان پي سي بي جي قانون ۾ اِها تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا ته فڪسزر کي ٻيهر ٽيم ۾ نه اچڻ ڏيجي، پر پي سي بي جي ڪبنيٽ ۾ ماڻهن اِهو قانون منظور ٿيڻ نه ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔