حالتون اهڙيون ٿي چڪيون آهن جوسخت فيصلا ڪرڻا پوندا، نيپرا

اسلام آباد : نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي چيئرمين وسيم مختار چيو آهي حالتون اهڙيون ٿي چڪيون آهن جو اسان کي ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وسيم مختار چيو ته وڌندڙ بجلي اگهن کي روڪڻ لاءِ چوري کي روڪڻو پوندو، جيڪو بجلي چوري ڪري رهيو آهي، ان کي انجام تي پهچائينداسين.
هن چيو حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو اسان کي ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، توانائي جي شعبي ۾ فري مارڪيٽ آڻي رهيا آهيون، واهپيدار کي جنهنجي ڪمپني کان بجلي خريدڻ جو ارادو هجي ته خريد ڪري.
سندس چوڻ هو ته ان وقت بجلي جي پيداواري صلاحيت 48 هزار ميگا واٽ آهي، اين ٽي ڊي سي ڪنهن به پلانٽ جي پيداواري قيمت ڏسي بجلي حاصل ڪندي آهي.
اوور بلنگ تي هن چيو ته ڪميٽي جوڙي وئي آهي، بجلي اگهه گهٽائڻ لاءِ اسٽاف خلاف ڪارروائي ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي آڻڻ ضروري آهي.
نيپرا چيئرمين چيو ته بجلي اگهن بابت فيصلو عاومي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو آهي، نيپرا ڪڏهن به ڪو فيصلو بند ڪمري ۾ ناهي ڪيو، بجلي اگهن ۾ واڌ جي پٽيشن تي عوامي ٻڌڻي ٿيندي آهي، جنهن کانپوءِ اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔