پرويز الاهي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيندي ئي وري گرفتار

لاهور :اينٽي ڪرپشن پنجاب پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪري ورتو.

اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب، پرويز الاهي اڊيالا جيل راولپنڊي مان آزاد ٿيو جتان کيس گرفتار ڪيو ويو.

پرويز الاهي کي رمانڊ لاءِ جڊيشل ڪمپليڪس پهچايو ويو جتي عدالت پي ٽي آءِ صدر جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي اڄ شام تائين اينٽي ڪرپشن هيڊڪوارٽر لاهور منتقل ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرويز الاهي خلاف پنجاب ۾ اينٽي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پرويز الاهي جا ضمانتي مچلڪا داخل نه ٿيا هئا، اڃا هڪ ڪيس ۾ آزادي نه ملي هئي ته کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيوويو.

واضح رهي ته پرويز الاهي جي جڊيشل ڪمپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ضمانت منظور ٿي هئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن سيل طرفان پرويز الاهي کي اڊيالا جيل مان ئي گرفتار ڪيو ويو ۽ راهداري رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔