لنڊن ۾ ن ليگ قيادت جو اهم اجلاس، قانوني ٽيم نواز شريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي

لنڊن: لنڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون جي قيادت جي اهم گڏجاڻي ٿي آهي.
لنڊن ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ ن ليگ قائد نواز شريف، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، امجد پرويز ملڪ، عطا تارڙ ۽ اسحاق ڊار شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز بٽ نواز شريف جي وطن واپسي تي پارٽي قيادت کي قانوني معاملن تي بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب قانوني ٽيم نواز شريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي.
ن ليگ جي قانوني ٽيم نواز شريف جي پاڪستان واپسي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.
ياد رهي ته نواز شريف طرفان 21 آڪٽوبر تي وطن واپسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔