چيف جسٽس الوداعي خطاب دوران پاڻ کي ٻڏندڙ سج قرار ڏيندي روئڻهارڪو ٿي ويو

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي آفيسرن ۽ اسٽاف سان الوداعي خطاب دوران روئڻهارڪو ٿي ويو.
چيف جسٽس خطاب دوران پاڻ کي ٻڏندڙ سج سان ڀيٽيو ۽ چيو ته توهان سان گڏ سپريم ڪورٽ جي جج طور 9 سال ڏاڍا سٺا گذريا، منهنجي حالت هاڻ ٻڏندڙ سج جهڙي آهي.
هن چيو ته توهان جو اڃا وقت پيو آهي، توهان سڀ پنهنجي ڀرپور لڳاءَ سان ڪم ڪيو، ملڪ معاشي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سڀني جي گڏجڻ سان اهو بحران نه رهندو.
چيف جسٽس عملدارن جو شڪريو ادا ڪيو.
ياد رهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي عهدي جو مدو اڄ رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو ۽ سڀاڻي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔