نگران حڪومت جي بم کانپوءِ پيٽرول اڌ قيمت تي فراهم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد : نگران حڪومت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن پر هڪ سياسي جماعت عوام کي آسرو ڏنو آهي ته ”پيٽرول اڌ قيمت“ تي فراهم ڪيو ويندو.
نگران حڪومت جي تازي اعلان کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 331 رپيا 38 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 329 رپيا 18 پئسا ٿي وئي آهي.
اهڙي اعلان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ واعدو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته موٽر سائيڪل سوارن کي پيٽرول اڌ قيمت تي فراهم ڪيو ويندو.
اهو واعدو جهانگير ترين جي سياسي جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) طرفان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي ايڪس تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو.
پر ان کان اڳ جو توهان آءِ پي پي ۽ ان جماعت جي قائد جي حق ۾ نعرا هڻندي پيٽرول پمپ پهچو ته اهو ڄاڻي وٺو ته ”اڌ قيمت ۾ پيٽرول“ جي اها آڇ آءِ پي پي جي چونڊ منشور جو حصو آهي ۽ پيٽرول اڌ قيمت تي چونڊن کانپوءِ ئي ملندو، اهو به ان شرط تي جڏهن آءِ پي پي چونڊون کٽي، ان کانپوءِ به ضروري ناهي ته واعدو وفا ڪيو وڃي.
هوڏانهن سوشل ميڊيا واهپيدار آءِ پي پي جي ان واعدي کي ”لالي لاپ“ قرار ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔