صدر عارف علوي ملڪ ۾ 6 نومبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي

صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا  جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته مون 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي اسيمبلي تحليل ڪئي ، هن چيو ته هاڻي عام چونڊون 6 نومبر2023 تي هئڻ گهرجن .

خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر جو اختيار آهي ، عام چونڊن لاءِ 90 ڏينهن جي اندر جي تاريخ مقرر ڪري . آئيني ذميواري پوري ڪرڻ خاطر چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات لاءِ سڏيو آهي ته جئين آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو واضح ڪيو وڃي .

صدر جي خط جي متن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ان جي ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي . وفاق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي .

هن خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزادانه،منصفاڻي چونڊن لاءِ آئيني ۽ قانوني اپائن جي پابندي ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون  ڪرائڻ لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري .

صدر عارف علوي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اچڻ کانپوءِ تڪ بندين جو عمل به جاري آهي ،آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 هيٺ اها لازمي شرط آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔