پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن ضرور ٿيندو: عمر سومرو

ڪنڌڪوٽ : قانون واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن ضرور ٿيندو، پريا ڪماري جي اغوا وقت مقرر ايس ايس پي ٻن سالن کانپوءِ ٻيهر موٽي آيو آهي

قانون واري وزير عمر سومرو ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي سکر چيو آهي ته پريا ڪماري ضرور بازياب ٿيندي، پوليس جي ڪارڪردگي افسوسناڪ آهي

هن چيو ته  راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ دوران پوليس جوابدار جي موبائيل فون ان لاڪ نه ڪري سگهي آهي، شهرن ۾ هٿياربندن جي پريڊ ڪرائيندڙ سردارن ۽ وڏيرن خلاف ڪارروائي ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔