عمران خان آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، آرمي ترميمي ايڪٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ شعيب شاهين ذريعي آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 جي تحت درخواست داخل ڪئي.

درخواست ۾ صدر عارف علوي ۽ قومي اسيمبلي کي ڌر بنائيندي سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، آرمي ترميمي ايڪٽ کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي. ڪيس جي حتمي فيصلي تائين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، آرمي ترميمي ايڪٽ معطل ڪيو وڃي.

آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر عارف علوي سوشل ميڊيا تي وضاحت ڪري چڪو آهي ته هن ٻنهي قانونن جي منظوري نه ڏني آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت ڳجهن ادارن کي بنا وارنٽ جي ڪنهن به گهر ۾ داخل ٿي تلاشي وٺڻ جو اختيار ڏيڻ غير آئيني آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ، آرمي ترميمي ايڪٽ بنيادي انساني حقن کان تڪراري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔