مراڪش ۾ زلزلي جي تباهي: 632 ڄڻا فوت

مراڪش ۾ 6 ڏهائي 8 جي شدت جي طاقتور زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾632 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن

زلزلي سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ گهر، مسجدون ۽ ڪاروباري مرڪز ڊهي پٽ ٿي ويا،  جڏهن ته آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي

امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب مراڪش جي اولهندي علائقي  ۾ آيل زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو  مرڪز مراڪش شهر کان 75 ڪلوميٽر پري اطلس جو پهاڙي سلسلو هو

زلزلي جي اونهائي  ساڍا 18 ڪلوميٽر  هئي، زلزلي سبب ڪيترائي علائقا  بجلي کان محروم ٿي ويا، يونيسيڪو طرفان عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنل  تاريخي عمارتن کي به نقصان پهتو آهي، متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔