اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون ڪرائيندي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون ڪرائيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  اليڪشن ڪميشن جي ٻين ميمبرز تي اسان کي پورو اعتماد آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته آدمشماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آهي، ملڪ هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي

هن چيو ته اسان سڀني کي سياست بدران پهرين معيشت جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، نگران حڪومت ايس آءِ ايف سي جي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ملڪ کي ترقيءَ جي دڳ تي آڻي، ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔