ڪوئٽه ۾ ضلعي انتظاميه جو گودام تي ڇاپو، کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ جون هزارين ٻوريون هٿ

ڪوئٽه: ڪوئٽه جي علائقي سرياب ۾ ضلعي انتظاميه گودام تي ڇاپو هڻي ذخيرو ڪيل کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ جون 15 هزار کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن.

ضلعي انتظاميه موجب گودام کي سيل ڪري ذخيره اندوزن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. انتظاميه چيو ته برآمد ڪيل شين جي قيمت تقريبن 20 ڪروڙ روپيه آهي. برآمد ٿيندڙ کنڊ سرڪاري قيمتن تي نيلام ڪئي پئي وڃي.

ياد رهي ته نگران حڪومت وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) کي آمريڪي ڊالر، کنڊ، ڀاڻ ۽ پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ڪارروائي جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.  نگران گهرو وزارت جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ ايف آءِ اي کي ڪارروائين جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا جنهن جو خط به جاري ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔