انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 جي ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو .

آءِ سي سي ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ امپائرز جي پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي  جنهن ۾ هڪ پاڪستاني امپائر به شامل آهي .

امپائرز جي 16 رڪني پينل ۾ پاڪستان جو احسن رضا به شامل آهي ، جڏهن ته ايليٽ پينل کان دستبردار ٿيندڙ عليم ڊار ورلڊ ڪپ 2023 جي آفيشلز ۾ شامل نه هوندو.

ورلڊ ڪپ امپائرز پينل ۾ ڪرس برائون ، ڪمار ڌرما سينا، مارس  ار اسمس، ڪرس گفاني ۽ مائيڪل گف شامل آهن، ايڊرين هولڊ اسٽاڪ، رچرڊ النگورٿ، رچرڊ ڪيٽل برا ۽ نتن مينن به امپائرز پينل جو حصو آهي .

پال ريفل ، شرف الدولا ابن شاهد ، روڊ ٽڪر ، ايلڪس وارف ، جوئيل ولسن ۽ پال ولسن به ورلڊ ڪپ امپائرز ۾ شامل آهن. ورلڊ ڪپ دوران جواگل سر ناٿ، اينڊي پرائي ڪرافٽ، جيف ڪرو ۽ رچي رچرڊسن ميچ ريفريز جا فرض انجام ڏيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔