انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ به قيمت گهٽجي وئي

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ به قيمت گهٽجي وئي.

گذريل ڏينهن ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ 2 رپيا 4 پئسا سستو ٿيو ۽ ڪاروبار  جي اختتام تي ڊالر  304.94 رپين تي بند ٿيو .

جمعي جي ڏينهن ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت وڌيڪ گهٽ ٿي ۽ ڊالر هڪ رپيو 96 پئسا سستو ٿي 303 رپين جو ٿي ويو . ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ ڊالر 4 رپين مان گهٽ ٿي 304 رپين تي اچي ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔