وفاقي سرڪار جي مدد سان 15 مئي تي پاور شو عدليه جي آزادي تي سڌو سنئون حملو هو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن ڪيس ۾ پي ڊي ايم حڪومت جو ججز تي اعتراض رد ڪرڻ وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال 32 صفحن تي مشتمل فيصلو لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن ججز مٿان اٿاريل اعتراضن جي قانون جي نظر ۾ ڪا به اهميت ناهي، اعتراضن جي درخواست سٺي نيت بدران بينچ ميمبر کي هراسان ڪرڻ جي لاءِ داخل ڪئي وئي

عدالت نوٽ ڪيو وفاقي حۡومت مختلف حربا ستعمال ڪري دير ڪئي، وفاقي حڪومت مختلف چالون ۽ حربن سان عدالتي فيصلن ۾ دير ڪئي ۽ وفاقي سرڪار  عدالت جي ساک کي نقصان پهچايو

عدالت 6 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو 3 مهينن بعد ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته بينچ تي اعتراض عدليه جي آزادي تي حملو آهن، حڪومت 9 مبينا آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي، عابد زبيري ڪميشن کي چئلينج ڪيو هو

عدالت ٻڌڻيءَ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ جوڙي هئي، بئنچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا، عدالتي بئنچ ڪيس جون ٻه ٻڌڻيون هلايون ۽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو

اڳوڻي حڪومت ٽن ججز جي بئنچ کان علحدگي لاءِ هڪ ڌار درخواست به داخل ڪرائي هئي، حڪومت طرفان اعتراض واريل ججز ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا، 6 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو ٽن مهينن بعد اڄ جسٽس اعجاز الاحسن پڙهي ٻڌايو

بينچ جي ٽن ججز تي حڪومتي اعتراض وارڻ واري ڌار درخواست به خارج، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ججز تي اعتراض عدليه تي حملي برابر آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔