عدالت جو انوکو فيصلو، ڦاريءَ ۾ هڪ بسڪيٽ گهٽ هجڻ تي ڪمپني مٿان ڏنڊ

نئين دهلي : ڀارت ۾ عدالت هڪ انوکي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ ڦاريءَ ۾ هڪ بسڪيٽ گهٽ هجڻ جي شڪايت تي ڪمپني تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهر چنئي جي رهواسي دلي بابو طرفان داخل ڪيل درخوست تي تامل ناڊو جي ڪنزيومر ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2021 ۾ دلي بابو مقامي ريٽيل اسٽور تان هڪ مشهور ڪمپني جي بسڪيٽن جا 24 پيڪيٽ خريد ڪيا، هن گهر وڃي پيڪيٽ کوليا ته ان ڪمپني جي هڪ بسڪيٽ پراڊڪٽ جي پيڪيٽ مان 15 بسڪيٽ نڪتا، جڏهن ته ڪمپني طرفان هڪ پيڪيٽ ۾ 16 بسڪيٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

اهو ڏسي دلي بابو فوري طور ريٽيل اسٽور ۽ پوءِ ڪمپني سان رابطو ڪيو پر مطئمن ڪندڙ جواب نه ملڻ تي هن عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪيو.دلي بابو عدالت ۾ داخل درخواست ۾ الزام هنيو ته پيڪيٽ ۾ موجود هر بسڪيٽ جي قيمت 75 پئسا آهي ۽ روز انهن بسڪيٽن جا تقريبن 50 لک پيڪيٽ تيار ڪيا ويندا آهن، ڪمپني مبينا طور غلط بياني ذريعي روز واهپيدارن کان 29 لک رپيا ڦري ٿي

هوڏانهن ڪمپني پنهنجي دفاع ۾ چيو ته بسڪيٽ انگ جي بنياد تي نه پر وزن جي بنياد تي وڪرو ڪيا ويندا آهن ۽ اسان جي پراڊڪٽ جو مجموعي وزن 76 گرام هوندو آهي.پر عدالت ڪمپني جي ان دعويٰ تي جاچ ڪرائي ته خبر پئي پراڊڪٽ جو اصل وزن 74 گرام آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو جاري ڪندي ڪمپني کي حڪم ڏنو ته اها ان بسڪيٽ جي مخصوص پراڊڪٽ جو وڪرو بند ڪري ۽ دلي بابو کي هڪ لک رپيا ڏنڊ طور ادا ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔