نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن وفد جي ملاقات، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد

ڪوئٽه:  نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ وزيراعظم کي قبائلي اڳواڻن جي وفد وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

نگران وزيراعظم سمورن قبائلي اڳواڻن جو ٿورو ادا ڪيو ۽ سندن علائقي جا مسئلا ٻڌا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کان سواءِ ممڪن نه آهي. بلوچستان جي حڪومت پرڏيهي سرمائيڪاري وڌائي، زرعي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ  اوليت جي بنياد تي قدم  کڻي.

نگران وزيراعظم  چيو ته حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي  ترقي جا هڪ جهڙا موقعا ڏيندي. نگران حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي ۾ بلوچستان جي ڪردار کي وڌائڻ جي لاءِ انفرااسٽرڪچر، بجلي، پاڻي ۽ ٻيا سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندي.

بلوچستان جو گورنر عبدالولي ڪاڪڙ ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي به ملاقات ۾ شريڪ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔