ڪسٽم اختيارين هڪ ارب 17 ڪروڙ جي کنڊ افغانستان اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي

ڪراچي: هڪ ارب 17 ڪروڙ جي کنڊ افغانستان اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪسٽمز معين افضل نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان کان افغانستان جي لاءِ هڪ ارب 17 ڪروڙ روپين جي ماليت جي کنڊ اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي. 2 ڪنٽينرز ۾ کنڊ جون 1650 ٻوريون فلٽر ٿيل پاڻي سان گڏ اسمگلنگ ڪيون پئي ويون.

هن ٻڌايو ته پرڏيهي شين جي اسمگلنگ جي لاءِ اسمگلرز آف روڊ ٽريڪ جو استعمال ڪري رهيا آهن. مافيا هاڻ ننڍي پڪس اپس ۾ مقامي شين سان گڏ پابندي مڙهيل شيون اسمگلنگ ڪرڻ لڳا آهن.

هن ٻڌايو ته انڊين گهٽڪو، سوپاري سيمنٽ سان گڏ اسمگلنگ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لينڊ روور پڪ اپ مان 36 لک روپين جي ماليت جي اسمگلنگ ٿيل شيون هٿ ڪري ضبط ڪيون ويون آهن. اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 81 لک روپين جي ماليت جي لينڊ روور پڪ اپ به به ضبط ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته  هڪ ڪيس ۾ اسمگلنگ جي لاءِ ڪنٽينر جا ڌار ڳجها خانا ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اختيارين جاچ دوران ڳجهن خانن ۾ اسمگلنگ ٿيل سوپاريون، انڊين گهٽڪو هٿ ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔