آئيني بهانا نه هلندا، چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن: اختر مينگل

ڪوئٽه: بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ عوامي  نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان نگران حڪومتن جي  ڳالهائيندي چيو ته آئيني بهانا نه هلندا، چونڊون 90 ڏينهن ۾ ئي ٿيڻ گهرجن.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته اڄ آئين جي پاسداري نه ڪئي وئي ته ايندڙ حڪومت کان به ڪنهن کي ڪابه اميد نه رکڻ گهرجي

سردار اختر مينگل نگران حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي  چيو ته ڪوبه آئيني بهانو نه هلندو، چونڊون 90 ڏينهن ۾ ئي ٿيڻ گهرجن.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ايمل ولي خان چيو ته جهڙي طرح جون حالتون خيبرپختونخواهه ۾ آهن، سياسي پارٽين جي لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جو  سوچڻ به ناممڪن آهي. گورنر جو ڪردار منفي آهي جڏهن ته وڏو وزير به اڻڌريو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔