خدشو آهي ته بجلي بلن تي احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل نه ٿي وڃي: ايم ڪيو ايم پاڪستان

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه خالد مقبول صديقي خدشو ظاھر ڪيو آھي ته بجلي جي بلن تي ٿيندڙ احتجاج فساد ۾ تبديل نه ٿي وڃي، حڪومت کي گھرجي ته عوام کي فوري رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي

ڪراچيءَ ۾ پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو  اسان ڳالهين جو واعدو ڪيو هو ۽ ان تي عمل  ڪندا رهنداسين، سرڪلر ڊيٽ جو دٻاءُ ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن تي نه پر صارفين تي پئجي رهيو آهي، عوام جي لاءِ رليف جا قدم کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي

خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته حيدر آباد ۾ 12 وڳي کان 14 ڪلاڪن جي بجلي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ايتري لوڊشيڊنگ جي باوجود بل اهي ئي اچي رهيا آهن، جنهن جي ڪري واپاري احتجاج تي مجبور ٿي رهيا آهن، اسان پهريان به ايوانن ۾ ڳالهه ڪئي هئي، هاڻ به ڳالهائينداسين

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ چيو ته ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، خدشو آهي ته بجلي بلن تي احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل نه ٿي وڃي، عوام کي رليف ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔