گورک هل اسٽيشن ۽ دادو جي ترقي جي فنڊن ۾ اربين رپين جون گهوٻيون، جاچ تيز

دادو :گورک هل اسٽيشن جا مبينا 23 ارب ۽ دادو جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻيون، جاچ اختياريون سرگرم ٿي ويون

گورک هل اسٽيشن جي فنڊن ۽ دادو ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن جي ڏس ۾اربين رپين جي گھوٻين جي جاچ شروع ٿي وئي آهي

گورک هل جي 23 ارب رپين ۽ دادو ضلعي جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻين  جي جاچ لاءِ نيب ۽ ايف آءِ اي سرگرم، ڪامورا غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا

 ڪيترن ئي ٺيڪيدارن نگران سيٽ اپ بعد اسڪيمن ۾ اربن جي ڪرپشن بابت نيب کي دستاويزي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ورڪس  اينڊ سروس، ڊسٽرڪٽ روڊس ۽ ٻيا  کاتا نيب جي جاچ دائري ۾ شامل  ٿي ويا

پراوشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن، ٺيڪيدارن، چونڊيل نمائندن جون لسٽون تيار ڪيون ويون، پ پ دادو جو صدر اڳوڻو ايم اين اي  رفيق جمالي ۽ سندس ڀاءُ سعيد احمد جمالي دبئي کسڪي ويا

رفيق جمالي جي ساٿين موجب رفيق جمالي دبئي گهمڻ لاءِ ويو آهي، جلد واپس ايندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔