بلوچستان جي 5 رڪني نگران ڪابينه حلف کڻي ورتو، وزيرن کي قلمدان ڏنا ويا

ڪوئيٽا: بلوچستان جي 5 رڪني نگران ڪابينه جي وزيرن پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي.  گورنر هائوس ڪوئٽه ۾ نگران صوبائي وزيرن جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ وزيرن کان حلف ورتو جنهن ۾  بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان ڊومڪي به شرڪت ڪئي.

حلف  کڻندڙن ۾ پرنس احمد علي بلوچ، جان اچڪزئي، امجد رشيد، ڪيپٽن(ر) زبير جمالي ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر بلوچ شامل آهن. نگران وڏي وزير وزيرن کي قلمدان ڏنا جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  نگران صوبائي وزير ڪيپٽن(ر) زبير جمالي کي گهرو ۽ قبائلي معاملا، جيلن وارا معاملا ۽ پي ڊي ايم جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

امجد رشيد کي ناڻي واري وزارت ۽ روينيو جان اچڪزئي کي اطلاعات کاتو، ڊاڪٽر قادر بخش بلوچ تعليم کاتو ۽ سياحت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

پرنس احمد علي احمد زئي کي صنعت ۽ ڪامرس، توانائي ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه  بلوچستان جي نگران وڏي وزير 3 نگران صلاحڪار مقرر ڪيا آهن جن ۾ مير عمير محمد حسني کي نگران صلاحڪار مائنز اينڊ منرلز ڊوالپمينٽ، مير دانش لانگاهه کي نگران صلاحڪار آبپاشي، شانيه خان کي نگران صلاحڪار سماجي بهبود مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔