ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، 6 جوان شهيد

راولپنڊي:  ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته 6 جوان به شهيد ٿي ويا آهن.

ڏکڻ وزيرستان جي علائقي منڊا ۾ پاڪ فوج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران 6 جوان به شهيد ٿي ويا آهن. شهيد ٿيل اهلڪارن جا لاش ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔