پاڪستان رينجرز اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 6 ڀارتي شهري گرفتار

پاڪستان رينجرز ڀارت مان هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ جون ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون، 6 ڀارتي اسمگلر گرفتار، آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين ڀارت مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 6 ڀارتي اسمگلرز کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ڪيل 6 ئي ڀارتي جوابدار هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، گرفتار ڪيل ڀارتي اسمگلرز ۾ فيروز پور جو رهواسي گرميج سنگهه، شندر سنگهه، جگندر سنگهه ۽ وشال سنگهه شامل آهن، گرفتار ڪيلن ۾ جالنڌر جو رهواسي مهندر سنگهه ۽ لڌيانا جو رهواسي گروندر سنگهه به شامل، آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي اسمگلرز جي ڀارتي بارڊر فورس بي ايس ايف جي نگراني واري سرحد تي بنا رنڊڪ جي چرپر حيران ڪندڙ آهي، بي ايس ايف ۽ ڀارتي اسمگلرز جي گڏيل ڳٺجوڙ وارو امڪان به رد نه ٿو ڪري سگهجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔