حميرا احمد صدر جي پرنسپل سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي جو سيڪريٽري تبديل ڪرڻ واري حڪم تي به عمل نه ٿي سگهيو، نارڪوٽڪس ڊويزن جي سيڪريٽري حميرا احمد صدر جي پرنسپل سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر عارف علوي گذريل ڏينهن پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري وقار احمد کي هٽائڻ جو اعلان ڪيو هو، صدر نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير حسين شاهه کي سيڪريٽري تبديل ڪرڻ لاءِ چيو هو، صدر عارف علوي وقار احمد جي جاءِ تي حميرا احمد کي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري بڻائڻ جي هدايت ڪئي هئي، ذريعن موجب حميرا احمد صدر جي پرنسپل سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بلن تي صحيحون ڪرڻ جي ترديد ڪندي پنهنجي عملي تي حڪم نه مڃڻ جا الزام هنيا هئا، صدر جو پرنسپل سيڪريٽري وقار احمد صدر جا حڪم نه مڃڻ وارن الزامن جي ترديد ڪري چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔