لنڊن ۾ شهباز شريف ۽ نوازشريف وچ ۾ اڍائي ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات

لنڊن: لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب لنڊن ۾ واقع ايون فيلڊ ۾ نوازشريف ۽ شهبازشريف  وچ ۾ ملاقات اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهي. ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن  جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ نوازشريف جي واپسي جي حوالي سان مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات ۾ سلمان شهباز ۽ حسن نواز به موجود هئا.

ان کان اڳ لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر عارف علوي جيڪو بيان ڏنو آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته شفاف جاچ ذريعي کير  جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي. صدر جيڪو بل چيڪ ڪندو آهي ان تي صحيحون به ڪندو آهي. صدر واري معاملي ۾ زباني طور تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔