رضوانه تشدد ڪيس: 5 ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود جج عاصم حفيظ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيو

لاهور:گهريلو تشدد جو شڪار معصوم رضوانه تي تشدد ڪيس ۾ نامزد جج عاصم حفيظ 5 ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود جي آءِ ٽي جي آڏو پيش نه ٿيو. ذريعن موجب جج عاصم حفيظ اڃان تائين جي آءِ ٽي جي آڏو پيش نه ٿيو آهي جڏهن ته جي آءِ ٽي جج عاصم حفيظ کي 5 ڀيرا طلب ڪري چڪي آهي.

ذريعن موجب جج عاصم حفيظ چيو آهي ته جيستائين هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ حڪم نٿو ملي ان وقت تائين جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيندس.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جي آءِ ٽي اڳ ئي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي جج کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو لکي چڪي آهي. جنهن جو اڃان تائين جي آءِ ٽي کي ڪوبه جواب نه ملي سگهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔