سنڌ جي نگران ڪابينا جو پهريون اجلاس

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو آهي

اجلاس ۾ نگران وزيرن، چيف سيڪريٽري سنڌ، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين شرڪت ڪئي آهي

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ شديد غربت جي لهر پکڙيل آهي، غربت جي خاتمي لاءِ ٿوري عرصي ۾ اسان کان جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين

نگران وڏي وزير چيو ته  اسان کي امن امان جي صورتحال به بهتر ڪرڻي آهي، پوليس، صحت کاتو، روينيو ۽ بلدياتي نمائندن جون آفيسون عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔