حڪم نٿو مڃين؟ صدر پنهنجو سيڪريٽري تبديل ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي پنهنجي عملي تي حڪم نه مڃڻ جا الزام هڻڻ بعد پنهنجو سيڪريٽري تبديل ڪري ڇڏيو

صدر پنهنجي سيڪريٽري وقار احمد جون خدمتون واپس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي حوالي ڪري ڇڏيون

ايوان صدر پاران نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر کي سيڪريٽري جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت نه آهي

ايوان صدر مان جاري ڪيل ٽويٽ موجب صدر هميرا احمد کي صدر جي نئين سيڪريٽري مقرر ڪرڻ لاءِ چيو آهي

گذريل ڏينهن صدر پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو هو ته مون سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بِلن تي صحيون نه ڪيون آهن، مون ٻئي بل اعتراض لڳائي واپس ڪيا هئا

ايوان صدر جي عملي تصديق ڪئي ته ٻئي بل واپس ڪيا ويا آهن، بعد ۾ خبر پئي ته منهنجي صحيح نه ڪرڻ باوجود ٻنهي بلز کي قانون بڻايو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔