ايمان مزاري ۽ علي وزير 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد:  ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ، ڌمڪيون ۽ چڙ ڏيارڻ جي ڪيس ۾ اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ڪئي. ايمان مزاري جي وڪيل جوڊيشل ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته ايمان مزاري جو موبائيل ۽ ليپ ٽاپ پوليس وٽ آهي. ساڳئي ئي نوعيت جي ٻن ڪيسن ۾ ايمان مزاري سان گڏ 900 کان وڌيڪ نامزد جوابدار آهن.

جج ابوالحسنات پڇاڻو ڪيو ته ايمان مزاري تي الزام ڪهڙو آهي؟ اها ته خبر پئي. پراسيڪيوٽر 10 ڏينهن جي ريمانڊ جي استدعا ڪندي ٻڌايو ته رياست مخالف نعريبازي ۽ تقريرون ڪيون ويون. ايمان مزاري جو فوٽو گرامينڪ ۽ وائس ميچنگ ٽيسٽ ڪرائڻو آهي.

ٻڌڻي دوران جوابدار علي وزير ٻڌايو ته جڏهن جلسو ڪيو ته نگران حڪومت جي فون آئي ته اسلام آباد ۾ جلسو نٿا ڪري سگهو، اسان جي جلسن ۾ ڪابه غلط ڳالهه نه ڪئي وئي.

علي وزير ٻڌڻي دوران جج کي غلطي سان جناب اسپيڪر چئي ڇڏيو. وڪيل صفائي چيو ته علي وزير اڳوڻو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ان لاءِ هن اسپيڪر چئي ڇڏيو. جج ابوالحسنات چيو ته ڪا ڳالهه نه آهي مان ٻڌي رهيو آهيان.  اوهان اسپيڪر چئي سگهو ٿا.

عدالت پوليس طرفان علي وزير جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي جوابدارن کي 24 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔