آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ملڪ ۾ پهرين اسپيشل عدالت قائم

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ملڪ ۾ پهرين اسپيشل عدالت قائم ڪئي وئي آهي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي اضافي چارج دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج کي ڏني وئي آهي. جج ابوالحسنات آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ٿيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.

ملڪ ۾ هينئر تائين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي هڪ عدالت قائم ڪئي وئي آهي جيڪا اسلام آباد ۾ آهي، قانون موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ان ڪيمرا ٿيندي.

ذريعن موجب سائفر ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ ڪجهه دير بعد پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته اڳ واري قومي اسيمبلي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪيا هئا. 3 ڏينهن اڳ  ٻئي ايڪٽ صدر جي منظوري کان پوءِ قانون بڻجي ويا هئا.

گذريل ڏينهن ان وقت ملڪ ۾ اوچتو هلچل مچي وئي جڏهن صدر عارف علوي طرفان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ذاتي اڪائونٽ تان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون نه ڪيون آهن. مان انهن ٻنهي بلن سان اتفاق نٿو ڪريان.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔