سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل ملڪ جي پهرين اسپيشل عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو 4 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت ملڪ ۾ پهرين اسپيشل عدالت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو ويو

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جو اضافي چارج دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج کي ڏنو ويو. ابوالحسنات آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسپيشل عدالت جي جج ابوالحسنات غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري مان نڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو معاملو اهي، غير لاڳاپيل ماڻهو ٻاهر هليا وڃن. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر شاهه محمود قريشي جو جسماني ريمانڊ گهري ورتو. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر سائفر دستاويزات جي برآمدگي جي لاءِ شاهه محمود جو جسماني رمانڊ گهريو.

ذريعن موجب وڪيل شعيب شاهين سائفر معاملي تي ايف آءِ اي  سان تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريندي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري پنهنجي دليلن ۾ شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. وڪيلن علي بخاري ۽ شعيب شاهين مختلف عدالتي فيصلن جو حوالو ڏنو جڏهن ته ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ پڙهي ٻڌايو.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم ڪيل اسپيشل عدالت جي جج ابوالحسنات ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ايف آءِ اي طرفان سائفر ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي هئي پر عدالت شاهه محمود قريشي جو 4 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس 25 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔