مون آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ، آرمي ايڪٽ ترميم تي صحيح ناهي ڪئي: صدر عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح جي ترديد ڪري ڇڏي

صدر علوي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته الله منهنجو شاهد آهي، مان آفيشل سيڪرٽ ايٽ تي صحيح نه ڪئي

صدر علوي چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ترميمي بل ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ناهي ڪئي، مان انهن بلن مان متفق نه هئس، مان پنهنجي عملي کي چيو ته بل واپس موڪلي ڇڏيو

صدر علوي چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا عملي کان تصديق ڪئي ته بل بنا صحيح جي واپس موڪليا ويا آهن؟ مون کي اڄ معلوم ٿيو آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضي ۽ حڪم کي مجروح ڪيوعارف علوي چيو ته الله سڀ ڄاڻي ٿو، آئون انهن سڀني کان معافي وٺان ٿو جيڪي ان بلن سان متاثر ٿيندا، مون بلن تي صحيح ناهي ڪئي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته صدر علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔