فيفا وومين ورلڊڪپ فائنل، اسپين، انگلينڊ کي مات ڏئي پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو

سڊني:نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي گڏيل ميزباني ۾جاري فيفا وومين ورلڊ ڪپ فائنل ۾ سخت مقابلي کانپوءِ اسپين جي ٽيم انگلينڊ جي ٽيم کي 0_1 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن جو تاج پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اسپين جي ڪپتان اولگا ڪارمونا فائنل ميچ جي پهرين هاف ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري، اسپين جي سموري ٽيم جيءَ جان لڳائي پنهنجي ڪپتان جي گول جو دفاع ڪندي ان ئي گول تان ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
فيفا وومين ورلڊ ڪپ ۾ اِهو پهريون فائنل جنهن ۾ آمريڪا يا جرمني جي ٽيم موجود نه هئي ۽ انگلينڊ جي ٽيم رائونڊ ميچز کان فائنل تائين ٽاپ پوزيشن تي رهندي پنهنجو پهريون عالمي ڪپ کٽڻ جا خواب اکين ۾ سجائي ورتا هئا پر اسپين جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان انگلينڊ جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا.
فيفا وومين ورلڊ ڪپ جي فائنل تقريب ۾ اسپين جي پليئر ايٽانا بونميٽي کي گولڊن بال ايوارڊ سان نوازيو ويو.
انگلينڊجي ميري ايرپس کي فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ گولڊن گلوو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته اسپين جي سلميٰ پيرا لوئلو کي فيفا وومين ورلڊ ڪپ جي بهترين نوجوان رانديگرياڻي جو اعزاز ماڻيو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔