يوٽيليٽي اسٽورن تي به اٽو مهانگو ٿي ويو

لاهور: يوٽيليٽي اسٽورن تي اٽي جو اگهه اڃا وڌي ويو ۽ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1420 رپين جو ٿي ويو آهي.
يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم رليف پيڪيج تحت سبسڊي ختم ڪرڻ جا اثر سامهون اچي ويا، يوٽيليٽي اسٽورز انتظاميه طرفان عام صارفين لاءِ اٽي جي نئين قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.
هاڻ عام صارفين لاءِ 772 رپين ۾ ملندڙ 10 ڪلو اٽو 1420 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1296 رپين مان وڌي 2840 رپين جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔